ڪماليه – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته برائي جي خلاف بيهڻ پوري قوم جو فرض آ??ي، 27 مارچ تي عوام جو سمنڊ چورن جي خلاف نڪرندو ۽ انهن ??ي پيغام ڏيندو ته توهان جي ڦرلٽ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، چوري جي پئسي سان اهي ماڻهو پارليامينٽ ميمبرن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، انهن مشرف دور وانگر اين آر او حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر آئون انهن ??ي بار بار چوان ٿو ته حڪومت ته معمولي شيءَ آهي منهنجي جان به هلي وڃي ته انهن ??ي معاف نه ڪندس، اهي اقتدار ۾ اچي ڪرپشن ڪيسز ختم ۽ لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙي کي واپس آڻيندا جيڪو عدليه ۽ فوج تي حملي آ??ر ٿيندو، پئسي جا پوڄاري اهي ماڻهو ڪڏهن به آزاد پرڏيهي پاليسي جا حامي نه ٿا ٿي سگهن. ڪماليه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن ??يو ته رياض فتيانه کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته ايترو وڏو پنڊال ڀريو. هن ??يو ته مخالف ڌر جون شڪلون ڏسي انهن جي واپسي جي ڊپ کان الله ماڻهن جون دليون منهنجي طرف ڦيري ڇڏيون. هن ??يو ته آئون سڄي دنيا گهميو آهيان، برطانيا جو سڄو نظام ويجهي کان ڏٺو آ??ي، ان سسٽم جو منهنجي برابر ڪنهن ٻئي ليڊر جو مطالعو نه آ??ي، ان ملڪ جو مستقبل قوم آ??ي، سٺي ۽ بري جي تميز ڪئي آ??ي، تميز نه ڪندڙ قوم ”ختم“ ٿي وڃي ٿي. هن ??يو ته الله قرآن ۾ امر بالمعروف جو حڪم ڏنو آ??ي، حقن جي لاءِ قانون جي بالادستي، فلاحي رياست ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، برائي جي خلاف جهاد جو حڪم ڏنو آهي. هن نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته معاشري ۾ جڏهن برائي ڏسو ٿا ته الله اهو حڪم ناهي ڏنو ته توهان نيوٽرل رهو. ڪنهن هڪ سان شامل ٿيڻو پوندو، 30 سالن کان قوم ۽ ملڪ کي ڦريندڙ جن جي خلاف نيب ۾ ڪيسز آهن انهن مان هڪ ڊيزل جي پرمٽ تي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو، ٻئي زرداري تي اربين رپين جا جعلي اڪائونٽس ڪيسز نيب ۾ هلي رهيا آهن، ٽيون ش??با?? شريف آهي جنهن جي چپڙاسي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 375 ڪروڙ رپيا اچي وڃن ٿا. سمورن نوڪرن جي اڪائونٽس ۾ 16 ارب رپيا آيا ان جو ڪ??س لڳل آ??ي، هي اتي دير وارا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ان کي خبر آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت وڌيڪ برقرار رهي ته ان کي جيل وڃڻو پوندو، چوٿون عدالت کان سزا يافته ڌيءَ جي نالي تي اربين رپين جي محلن جو مالڪ آهي جنهن جا ڪيس هلي رهيا آهن ۽ هو ملڪ مان ڀڄي ويو آ??ي، اهي سڀ نيب زده گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي سموري فيملي لنڊن ويٺل آهي انهن سڀني گڏجي فيصلو ڪ??و ته عمران خان جي حڪومت ڪيرايون ۽ اقتدار ۾ اچي سڀ کان اڳ اهي نيب کي ختم ڪندا، انهن اين آر او حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي جيئن مشرف انهن ??ي اين آر او ڏنو، ان کانپوءِ انهن 10 سالن ۾ ٻنهي هٿن سان ملڪ ڦريو. وزيراعظم چيو ته آئون انهن ??ي بار بار چوان ٿو ته حڪومت ته معمولي شيءَ آهي منهنجي جان به هلي وڃي آئون انهن ??ي معاف نه ڪندس، انهن جي ڪوشش آهي ته اقتدار ۾ اچي پنهنجا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪرائين، جيئن ئي اهي ڪيس ختم ٿي ويا، لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙو واپس اچي ويندو. ميديا ۾ پئسو هلائڻ جي شروعات ان ڪئي، هاڻي اهو پاڪستان جي عدليه جي مٿان حملي آ??ر ٿيندو ڇو ته ڪرپٽ عنصرن جو پهريون ڪم عدالتن کي ڪم نه ڪرڻ ڏيڻ آهي. هن ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪ??و اهو سدائين پنهنجا امپائر رکي ڪرڪيٽ کيڏندو هو، انهن ??انسواءِ هو ڪا مئچ نه کٽيو، ماضي ۾ هن ججز، ميديا کي خريد ڪيو، ميمبرن جا ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ ڇانگا مانگا لڳايو. ان جو اڳيون حملو پاڪ فوج تي هوندو، ماضي ۾ هر آرمي چيف سان ان جا اختلاف رهيا. وزيراعظم چيو ته نواز شريف لڪي لڪي نريندر مودي سان ملندو رهيو، برکا دت پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو انڪشاف ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته ان کي فوج کان ڊپ هو ۽ هو اهو پيغام ڏيندو رهيو هو ته آئون ڀارت سان دوستي ڪرڻ چاهيان ٿو پر فوج نه مڃي رهي آ??ي. آصف زرداري جي دور ۾ آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير آمريڪي فوج جي سربراهه کي چوندو رهيو ته هو زرداري کي فوج کان بچائي، اهي پئسي جا غلام آهن، اهي پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جا حامي نه ٿا ٿي سگهن، يورپي يونين ڪائونسل جي صدر فون ڪري يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۾ مون کي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو، ڇا ش??با?? شريف مان به اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ هن ??يو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، 100 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، قبائلي بي گهر ٿيا، اسان کي ابتو افغانستان ۾ جنگ جو ذميوار قرار ڏنو ويو، اسان جي ملڪ تي ڊرون حملا ڪيا ويا، ڇا آئون ان تي ايبسليوٽي ناٽ نه چوان ها. هن ??يو ته اسان ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون پر لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۽ بوٽ پالش ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. هن ??يو ته قوم ڪڏهن اهڙن ماڻهن ??ي ووٽ نه ڏي جن جي سربراهه جو پئسو ٻاهر پيل هجي، اهو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿيڻ نه ڏيندو. هن ??يو ته اسان جي دور ۾ ٽيڪس اوڳاڙين، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي سان گڏوگڏ رڪارڊ فصلون ٿيون، مهانگائي هن وقت دنيا جي مقابلي ۾ گهٽ ترين سطح تي آ??ي، روزگار ۾ ايشيا ۾ پاڪستان سڀ کان اڳتي آ??ي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، چوري جي پئسي سان ايم اين ايز جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن. هن پوري قوم کي اپيل ڪئي ته اها 27 مارچ تي اسلام آباد پهچي ۽ انهن ماڻهن سان گڏ بيهي جيڪي چورن جي خلاف بيٺل آهن، پاڪستان جي تاريخ جو اهو فيصلائتو ڏينهن هوندو جڏهن عوام جو سمنڊ نڪرندو، ڏوهارين کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته توهان جي ڦرلٽ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، هي جلسو هڪ نئين تاريخ لکندو.