اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? هنگو مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته حاجي خيال زمان انتهائي مخلص شخصيت جو مالڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان د??ي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي ??اءِ دعا ڪئي آهي.