بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هڪ طرف اڄ قوم ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ته ٻئي طرف لاهور ۾ ڏوهاري ماڻهن هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن به انهن جي ڪي??ن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اهي سڀ چور گڏ ٿي وڃن ٿا، انهن جي ملاقاتن سان اسان کي فرق نه ٿو پوي، شهباز شريف کي پيٽ ڦاري آصف علي زرداري کان قوم جو ڦريل پئسو ڪڍرائڻو هو پر اڄ بلاول ۽ زرداري پاڻ هلي شهباز شريف وٽ ويا، جن ماڻهن جي عزت نفس نه هجي انهن جي صورتحال ڪجهه اهڙي طرح رهي ٿي جيڪا اڄ قوم ڏٺي، انهن جي س??است ۽ گڏيل اتفاق ۽ اختلاف جو مرڪزي بنياد ڪرپشن ۽ ان جو تحفظ آهي، ٻئي پارٽيون قومي ناڻو ڦرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ نوراڪشتيءَ ڪن ٿيون، هاڻي وزيراعظم ع??ران خان جي س??اسي مخالفت ۾ هڪ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم ع??ران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم ع??ران خان اڄ چين ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريو، وزيراعظم صدر شي جن پنگ پاران مختلف مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم ع??ران خان جي پنهنجي وفد سان گڏ چين جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي ۽ ان کانپوءِ وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان پڻ ملاقات ٿي. انهن ٽنهي ملاقاتن ۾ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چين جي وزيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر سان ڪشمير ۽ افغانستان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو آهي ته هو ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري پاڪستان جي موق?? جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ چين ان موقف تي پاڪستان سان گڏ آهي. اهڙي طرح وزيراعظم ع??ران خان چين جي تائيوان ۽ هانگ ڪانگ جهڙن اهم مسئلن تي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين معاشي ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، وزيراعظم جي چين جي دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ سگهه اختيار ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان ۽ چين جي صدر جي وچ ۾ سڀاڻي هڪ ملاقات ٿيندي جنهن ۾ افغانستان ۽ ڪشمير سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ان کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويندو. هن چيو ته هن وقت سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تفصيل جاري ڪي?? ويا آهن، وڌيڪ تفصيل اڄ جاري ڪي?? ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي س??ڙپڪاري جي ڪمنٽمينٽس ٿيون آهن، انهن جا تفصيل جاري ڪري رهيا آهيون. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ۽ شهباز شري?? جي ملاقات جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف کي ته پيٽ ڦاڙي آصف علي زرداري کان قوم جو ڦريل پئسو ڪڍرائڻو هو، اڄ بلاول ۽ آصف زرداري پاڻ شهباز شري?? جي گهر هليا ويا آهن. جن ماڻهن جي عزت نفس نه هجي ائين ئي ٿئي ٿو جيڪو اڄ پاڪستان ۾ سڀني ڏٺو. هن چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان جي ڍيلي ڍالي موومينٽ آهي، اها هڪ ڏينهن ڪجهه ۽ ٻئي ڏينهن ڪجهه هوندي آهي ۽ ٽئين ڏينهن جي حالت ڪجهه ٻي هوندي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته اهي ماڻهو ڪڏهن جدا نه آهن، عمران خان جي دشمني ۾ اهي سڀ گڏ آهن ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن قوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، اسان ڏٺو ته پاڪستان جي سڀني ڪرمنلز هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ماڊل ٽائون ۾ گڏ ٿيا. جڏهن به انهن جي ڪي??ن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اهي گڏ ٿي وڃن ٿا. اسان اها ڳالهه بار بار ورجائيندا رهيا آهيون ته هي ڪرمنلز جي گينگ آهي جيڪي پاڪستان ۾ ان وقت گڏ ٿين ٿا جڏهن انهن جي ڏوهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي يا انهن کان ڦريل دولت پاڪستان واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. انهن جي ملاقاتن سان نه ت?? اسان کي اڳ ۾ ڪو فرق پيو آهي نه هاڻي ڪو فرق پوندو. هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر آهي، رڳو تحريڪ انصاف وفاق جي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ سموريون پارٽيون علائقائي پارٽيون آهن، (ن) ليگ سينٽرل پنجاب ۽ پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي آهي. اڄ اهي ماڻهو پنهنجي هڪ ساٿي فضل الرحمان کي به وسري ويا آهن جيڪو شايد ڪراچي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو آهي، ان کي به گڏ وٺي وڃن ها ته سٺو ٿي وڃي ها ۽ هم پانڇ بدران هم ڇهه جي س??ريز هجي ها، جيڪو ڊرامو پوري قوم اڄ ڏٺو آهي، اهو هم پانڇ کان هم ڇهه تي هليو وڃي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ملاقات سينيٽ ۾ بدترين شڪست جو نتيجو آهي، اهڙي قسم جون ڪي??ريون ٻيون شڪستون اپوزيشن جو مقدر آهن، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي انهن ۾ صبر جو پئمانو ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انهن کي لڳي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن به انهن جي هٿ مان نڪري رهي آهي، ان لاءِ انهن ايندڙ اليڪشن گڏجي وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ت?? اسان گذريل ڀيري به انهن کي شڪست ڏني هئي، هاڻي ٻيهر به انهن کي بري شڪست ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ع??ران خان پرڏيهي پاليسي جو محاذ سنڀالي رکيو آهي، پاڪستان جي معيشت هجي، پرڏيهي پاليسي هجي يا گهرو پاليسي، پاڪستان سمورين پاليسين ۾ اڳتي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان نئون پاڪستان جو جيڪو خواب قوم کي ڏيکاريو هو، اهو ضرور پورو ٿيندو.