اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ ڪ??ميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا صوبي کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ پارٽي جي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ ڪ??ميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. مل??قات ۾ مواصلات واري وزير مراد سعيد، قومي اسيمبلي ميمبر حيدر علي خان، سليم رحمان، صاحبزاده صبغت الله، محبوب شاهه، محمد بشير خان، جنيد اڪبر، محمد نواز خان ۽ صالح محمد شرڪت ڪئي. مل??قات ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن نذير احمد عباسي، حاجي قلندر خان لوڌي، مشتاق احمد غني، زبير خان، تاج محمد، وزيرزاده، محمد اعظم خان، همايون خان، لياقت علي خان، شفيع الله، محمد ديدار خان، عبدالغفار، سيد اقبال ميان، شڪيل احمد، پير مصور خان، سيد احمد حسين شاهه، بابر سليم سواتي، نوابزاده فريد صلاح الدين، محمد اقبال خان، سيد غازي غزن جمال، شوڪت علي يوسف زئي، نصير الله خان، شرافت علي، عزيز الله خان، فضل ح??يم خان يوسفزئي، امجد علي ۽ محب الله خان شرڪت ڪئي.