لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ مي??برن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آ??ي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ مي??بر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهي?? آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ مي??برن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.