اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظ?? کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اهم عا??مي شخصيتن سان ٿيندڙ ملاق??تن تي بريفنگ ڏني. انهن ملاق??تن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستاني موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو ته افغان عوام جي امنگن م??جب نمائنده حڪومت قائم ٿئي.