اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙ??ئي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ص??ر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀر??ئي تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ص??ر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙ??ئي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺ??س بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.