اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، طالبان مخلوط حڪومت جوڙين، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن وا??ي وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا سان گڏ بدين پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان طالبان کي مشورو ته ڏئي سگهون ٿا ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، وزيراعظم عمران خان باجوڙ ۾ پنهنجي خطاب دوران اشرف غني کي ??ليڪشن بدران سمورن گروپس سان گڏجي متفقه حڪومت قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، طالبان کي ??ه اسان جو مشورو آهي ته اهي مخلوط حڪومت جوڙين. هن چيو ته اسان طالبان کي ??مريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدقسمتي سان اشرف غني اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، پشاور کان مزار شريف ۽ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ ۽ افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي، اسان سي پيڪ کي يورپي يونين سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ کي يورپي يونين سان ملائڻ کانپوءِ خطي ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ملندو، اهي مقصد انهي وقت حاصل ٿي سگهن ٿا جڏهن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هوندو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران اٽڪل 1900 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي وفاق پاران مليا، وفاق کي ??ڄي ملڪ مان ملندڙ ٽيڪس جو 59 سيڪڙو حصو صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿو، بدين ۽ گهوٽڪي ۾ گئس جي رائلٽي جي نالي تي سنڌ حڪومت وڏي رقم وفاق کان وٺي ٿي، بدين کي پنهنجي مسئلن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس کي ??ق هجڻ گهرجي ته اهي ميڊيا ٽربيونلز جي ذريعي پنهنجي ڪانٽريڪٽ جي انفورسمينٽ ڪرائي سگهن، گذريل ساڍن ٽن مهينن دوران اٽڪل 70 ڪروڙ رپيا ميڊيا گروپس کي ??اري ڪيا ويا پر هن وقت به ميڊيا ادارا پنهنجي ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگيون نه ڪري رهيا آهن جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ فيڪ نيوز کانسواءِ هر ترميم جي لاءِ تيار آهيون. بين الصوبائي رابطن وا??ي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين هڪ وڏي سياسي پس منظر جي باوجود پٺتي پيل علائقو آهي، بدين جي ميديا جو علائقائي ايشوز کي ??ٿارڻ ۾ متحرڪ ڪردار آهي، ميڊيا ادارن کي ??دائيگي جي باوجود ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پريس ڪلب جي عهديدارن اطلاعات وا??ي وفاقي وزير کي ??نڌ حڪومت پاران ڪيل ناانصافين سميت درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پريس ڪلب جي عهديدارن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي ??رجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. بدين پريس ڪلب جي عهديدارن ۾ پريس ڪلب جو صدر تنوير احمد آرائين، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، دودو پنهور، اشرف ميمڻ، ساوڻ خاصخيلي، ملڪ الياس، عمران عباس خواجه، اشفاق ميمڻ، اي مجيد، شڪور ميمڻ، خالد عباسي، شفيع ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ ۽ نور حسن سولنگي شامل هئا.