اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن وار?? وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ ق??ئدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ ق??ئدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ ق??نونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترق?? لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳال??ه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن وار?? وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.