اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا ا??پورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري ??هي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد سان ڳا??هائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري ??هزاد اختر، ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري ??ملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان پوري ??نيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.