اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪ??اڪن دوران ڪورونا ج?? ٻي لهر سبب وڌيڪ 85 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو تعداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪ??اڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 هزار 152 ڪيس رپ??رٽ ٿيا، 24 ڪ??اڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ج??هن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 85 فوتگيون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزار 958 مريض صحتياب ٿيا، سڄي ملڪ ۾ 1824 ماڻهو صحتياب ٿيا جڏهن ته 2382 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واضح ر??ي ته هن وقت آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينيٽليٽرز تي نه آهي.